ASB Entertainment

ASB Entertainment

Share

Photos from ASB Entertainment's post 14/05/2026

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ڪميشن جا نتيجا معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) جي گڏيل چٽا ڀيٽي امتحان CCE 2024ع جي 6 مئي تي جاري ڪيل لکت واري امتحان جي نتيجن کي عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو آهي۔

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس نثار احمد ڀنڀرو تي ٻڌل آئيني بئنچ درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي دوران جاري ڪيو۔ عدالت SPSC کي سي سي اي 2024ع جو سمورو رڪارڊ سيل ڪري پيش ڪرڻ، امتحاني جوابن وارين ڪاپين کي تحويل ۾ وٺڻ ۽ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي۔

عدالت SPSC جي سيڪريٽري ۽ ڪنٽرولر کي ذاتي حيثيت ۾ 21 مئي تي سموري رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تائين نتيجا معطل رهندا۔

Photos from ASB Entertainment's post 10/05/2026

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران شاگردن کي ورغلائڻ، احتجاج تي اڪسائڻ ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبرن کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام هيٺ امتياز چانڊيو، فياض حسين شر ۽ رفيع ﷲ قريشي مٿان ڪيس داخل

سنڌ ڪميشن پاران داخل ڪرايل ڪيس ۾ دهشتگردي جا دفعات به شامل ڪيا ويا آهن.

Want your establishment to be the top-listed Arts & Entertainment in Dammam?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Website

Address


City Centre
Dammam