Sindh Update
شيخ ڀرڪيو، مقامي مستري زوار انور قمبراڻي جو ڪارنامو، بجلي کانسواءِ پاڻمرادو چارج ٿيندڙ جديد اسڪوٽي تيار
شيخ ڀرڪيو جي رهواسي ۽ ذهين مستري زوار انور قمبراڻي بجلي تي هلندڙ اسڪوٽي ۾ شاندار جدت آڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. زوار انور هڪ اهڙو نظام تيار ڪيو آهي، جنهن جي مدد سان هاڻي هي اسڪوٽي بجلي تي چارج ٿيڻ بدران پنهنجي ئي سسٽم ذريعي پاڻ کي پاڻ چارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن جديد تجربي علائقي واسين ۾ وڏي دلچسپي پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ ان اسڪوٽي کي ڏسڻ لاءِ پهچي رهيا آهن. ماهرن پاران هن ڪامياب تجربي کي مقامي سطح تي هڪ وڏي ڪاميابي ۽ توانائي جي بچت لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي زوار انور قمبراڻي چيو ته، "اسان جي ڪوشش هئي ته اهڙي ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪجي جيڪا مستقبل ۾ عام ماڻهن لاءِ سستي ۽ آسان سواري ثابت ٿئي، ڇاڪاڻ ته بجلي جي وڌندڙ قيمتن سبب عام ماڻهو پريشان آهي." هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن سسٽم سان اسڪوٽي هلڻ دوران ئي پنهنجي بيٽرين کي چارج ڪري ٿي، جنهن سان ٻاهرين چارجنگ جي ضرورت ختم ٿي وڃي ٿي. شيخ ڀرڪيو جي شهرين حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته زوار انور جهڙن باصلاحيت ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ۽ کين سرڪاري سطح تي فنڊز فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهڙا پراجيڪٽ ملڪي سطح تي متعارف ڪرائي سگهجن.
ويڙهه بند آهي باقي چوريون ڪنداسين : مهرجتوئي جرڳي ۾ آيل آيل شخص جا دلچسپ جملا
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Website
Address
City
Shikarpur
00000