Amar Raisingh Rajput

Amar Raisingh Rajput

Share

24/03/2021

سندم تحرير...خانجي پير جي خوبصورت آواز ۾………

لُڙڪن سان لَبريز خَط (امر رائيسنگهه راجپوت) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر 02/11/2019

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”لُڙڪن سان لبريز خط“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل ادبي ۽ تصوارتي خطن جو مجموعو آهي. عزيز گُل لکي ٿو:
”امر رائيسنگهه راجپوت جهڙي شاندار نثرنگار جا خط به سنڌي ادب کي هميشه جي لاءِ ياد رهجي ويندا جو هي خط امر رائيسنگهه جي نثر جو يادگار آهن... جو هي لازوال خط آهن، جن ۾ ديس جي درد جا سمورا رُخ نهايت ئي دل ڏاري وجهندڙ انداز ۾ لکيا ويا آهن. اهڙا خط لکڻ لاءِ ڪو سنگدل سينو ٿو کپي!
امر رائيسنگهه هڪ بي رحم ليکڪ آهي، هُو هڪڙو اهڙو روئاڙي وجهندڙ نثرنگار آهي، جيڪو ماڻھن جي زندگيءَ جا فيصلا بدلائي سگهي ٿو. هُو صرف خماريل ۽ موهيندڙ نثر نٿو لکي پر کيس ماڻهن جي زندگيءَ جي فيصلن تي به قدرت حاصل آهي.“
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ھن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو يا آنلائين پڙهو:

https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=887

Amar Raisingh Rajput

لُڙڪن سان لَبريز خَط (امر رائيسنگهه راجپوت) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل ادبي ۽ تصوارتي خطن جو مجموعو آهي. عزيز گُل لکي ٿو: ”امر رائيسنگهه راجپوت جهڙي شاندار نثرنگار جا خط به سنڌي ادب کي هميشه...

20/04/2017

امر رائيسنگھ راجپوت

نظم

او ڏيلھ ڏڪي ڇوڪريءَ
هي چال تنهنجي پوپريءَ
ٿي ٻولي لڳي چين جي
ٿو ڪير وانچي چوپڙيءَ
آ ڏاڍي ڏُکي مام ڪو
هي نيڻ تنهنجا ڄام ڪو
ٿا ٿيڙين روز ڇوڪرا
هي اوپرا هي اوپرا
تون کائي گهڻا ڪوپرا
ٿي ٺاهين روز ونڪي
هي وک تنهنجي مرگھ جي
ٿي ونگ وجهي لمندي
تون وار ڇنڊين وهنجندي
تون خوب جچين کلندي
ٿو موھ وڌي ملندي
تون لوڏ ٻڌي لام ۾
ٿي روز لُڏين گام ۾
ٿو ساھ مُنجهي ڪام ۾
تون ٻول ٻولين مٺڙا
هي چوري چور چپڙا
مان وٺان تنهنجي نام کي
جئين سيتا جپي رام کي
مان تو ۾ ڳوليان پاڻ کي
تون مُور نه پرکين مام کي
ٿي روح ڇيڙي راڳ سان
هي ڇير تنهنجي ڇيگريءَ
او ڏيلھ ڏڪي ڇوڪريءَ
ٿي روز ٻوڙين ڳڀرو
تون گهائي پنهنجي گهور سان
ٿو چنڊ ڏسي دور کان
تون نار پنهنجي نور سان
ٿي روز منڊين منڊ ڪي
هن جوڀن سندي ٻُور سان
تون لڳين ندي ويڪريءَ
او ڏيلھ ڏڪي ڇوڪريءَ
هي پيرون منهنجي ديس جا
ڪي راتڪا ڪي آڇڪا
ٿي چونڊين مون لئه چاھ مان
مان چمان تنهنجا چپڙا
هي هرک جهڙا هٿڙا
تون پائي پيلا ڪپڙا
ٿي وڻين مونکي ائين
جئين عورت وڻي انبڙي
جئين مرد وڻي مرچڙي
جئين ميٽ کائي مورَ ۾
ڪا نار ڀاريءَ پير سان
ٿي وڻي پنهنجي ور کي
جئين سُگهڙ رکي گهر کي
ٿي لڳين مونکي ائين
جئين تري پنهنجي ترنگ سان
ٿي ڊنڍ مٿي نيرڳي
جئين مور مٿي ڪلنگي
جئين ڊيل اچي ڊڪندي
جئين ڪلي ڪُڏي واڇڙي
جئين ٻار کلي ننڊ ۾
جئين مندر گونجي گهنڊ ۾
جئين وسي نور چنڊ ۾
تون منڊين پنهنجي منڊ ۾
جئين ڪويل ٻولي ون ۾
تون وڄين منهنجي من ۾
۽ لڳين مون کي بانسري
او ڏيلھ ڏڪي ڇوڪريءَ

Want your business to be the top-listed Media Company in Mithi?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Telephone

Website

Address


Mithi