Pano Akilian
31/05/2026
پاڪستان ريلوي ۾ مختلف خالي جاين تي ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀني صوبن جو الڳ ڪوٽا شامل آهي...
پاڪستان ريلوي ۾ مختلف خالي جاين تي ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀني صوبن جو الڳ ڪوٽا شامل آهي...
پاڪستان ريلوي ۾ مختلف خالي جاين تي ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀني صوبن جو الڳ ڪوٽا شامل آهي...
14/05/2026
ڪارپيٽ ذريعي پڪل انب رڳو پاڪستان ۾ کپي ٿو عالمي مارڪيٽ ۾ اهڙو “زهر” داخل به نٿو ٿي سگهي
اسان وٽ ڪجهه ماڻهو اڃا تائين اهو سمجهن ٿا ته انب کي “ڪارپيٽ”
(Calcium Carbide)
سان پچائڻ ڪا معمولي ڳالهه آهي
پر سوال اهو آهي ته پوءِ اهو ئي انب جڏهن دبئي، سعودي عرب، يورپ يا آمريڪا موڪليو وڃي ٿو ته اتي ڪارپيٽ ڇو نٿو لڳايو وڃي؟
ڇاڪاڻتہ دنيا کي خبر آهي ته
Calcium Carbide
ڪا “سهولت” ناهي، پر خاموش زهر آهي
حقيقت ڇا آهي؟ پاڪستان مان جيڪو انب ايڪسپورٽ ٿئي ٿو، ان لاءِ سخت ليبارٽري ٽيسٽ ٿيندا آهن. جيڪڏهن ڪارپيٽ جا اثر، آرسينڪ يا فاسفورس جهڙا زهريلا جزا ملي وڃن ته
پورو ڪنٽينر رد ڪيو ويندو
ملڪ جي ساک متاثر ٿيندي
ايڪسپورٽ تي پابنديون لڳي سگهن ٿيون
يعني جيڪو ميوو يورپ يا عرب ملڪن لاءِ “غير محفوظ” آهي، اهو ئي اسان جي ٻارن لاءِ “ٺيڪ” سمجهيو وڃي ٿو
دنيا محفوظ طريقي سان انب ڪيئن پچائي ٿي؟
ترقي يافته ملڪن ۾
Ethylene Gas Ripening Rooms استعمال ٿيندا آهن
Hot Water Treatment
ڪيو ويندو آهي
قدرتي گرمي ۽ ڪنٽرولڊ ماحول ۾ ميوو پچايو ويندو آهي
ڇو؟
ڇاڪاڻتہ اتي انسان جي جان کي نفعي کان وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي
پر اسان وٽ ڇا پيو ٿئي؟ اسان جي مقامي مارڪيٽن ۾ ڪارپيٽ جون پڙيون
بند ڪمرا
زهر ڀريل ٻاڦ
وقت کان اڳ پيلا ڪيل انب
۽ پوءِ ساڳيو زهر اسان جي گهرن، ٻارن ۽ بيمار ماڻهن جي پليٽن تائين پهچي ٿو
ممبئي وارو واقعو ياد رکو
هنداڻي ۾
Zinc Phosphide
ملڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 4 ماڻهو فوت ٿي ويا
ڪارپيٽ به معدي جي تيزاب سان ملي خطرناڪ گئسون پيدا ڪري سگهي ٿو، جيڪي
معدي
جگر
گڙدن
ڦڦڙن
تي آهستي آهستي اثر ڇڏين ٿيون
۽ پوءِ ڪجهه ماڻهو چون ٿا “اسان ته سالن کان کائون پيا، ڪجهه ناهي ٿيو
ياد رکو
ڪينسر، جگر جي خرابي ۽ گڙدن جا مرض اوچتو ناهن ٿيندا
اهي سالن تائين استعمال ٿيندڙ “مٺي زهر” جا نتيجا هوندا آهن
اصل سوال، جيڪڏهن اهو انب يورپ يا عرب ملڪن جي معيار تي پورو نٿو لهي،
ته پوءِ سنڌ ۽ پاڪستان جي ماڻهن لاءِ ڇو جائز سمجهيو وڃي ٿو؟
ڇا اسان جي جان جي قيمت گهٽ آهي؟
هاڻي وقت اچي ويو آهي وقت کان اڳ پيلا ٿيل انبن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي
حڪومت کان مطالبو ڪيو وڃي ته مقامي مارڪيٽ ۾ به
Export-Level
قانون لاڳو ڪيا وڃن
هارين ۽ واپارين کي محفوظ
Ripening Systems
ڏنا وڃن
عوام کي
Food Safety
بابت آگاهي ڏني وڃي
نفعي خورن جي لالچ خاطر پنهنجي ٻارن کي خاموش زهر کارائڻ بند ڪيو
صحت بچايو شعور پيدا ڪيو
09/05/2026
کمزور بنياد جي اصل سبب صرف استاد ناهي…!
سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي بنياد ڪمزور ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب اهي حالتون آهن جن کي استاد هر ڏينهن منهن ڏين ٿا، پر جن جو ذڪر گهٽ ئي ٿيندو آهي.
اسان وٽ اڪثر ٻار وقت تي داخل نه ڪرايا ويندا آهن. 5–6 سالن جي عمر تائين به ڪيترائي والدين اهو سمجهن ٿا ته ٻار اڃا ننڍو آهي، اڃا ماءُ کان ڌار نٿو ٿي سگهي، اڃا اسڪول وڃڻ جي لائق ناهي.
پوءِ جڏهن داخل ڪرايو وڃي ٿو ته صورتحال اها هوندي آهي ته: ٻار هفتن تائين اسڪول نٿو اچي… ڪڏهن سمهيل آهي، ڪڏهن ضد ڪري ٿو، ڪڏهن دل نٿي چاهي.
جڏنھن اچي ٿو ته ٻار وٽ ڪيترن ڏينهن تائين پينسل يا ڪاپي به موجود نه هوندي آهي۔
اهڙا ٻار نه بنيادي اکر سکي سگهن ٿا، نه آوازون، نه ڳڻپ، نه ابتدائي تصورات.
پوءِ ٻه ٽي سال بعد والدين کي اوچتو ياد اچي ٿو ته: "اسان جو ٻار اڃا تائين ايندڙ ڪلاس ۾ ڇو نه ويو آهي؟"
نتيجو؟ ٻار عمر ۾ وڏو پر بنياد ۾ ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ۽ اهو ئي learning gap هر ايندڙ ڪلاس سان گڏ وڌندو وڃي ٿو.
استاد پنهنجي پوري ڪوشش ڪندا آهن، پر جڏهن اسڪول ۾ حاضري نه هجي، گهر کان سهڪار نه ملي، ۽ صرف ايندڙ ڪلاس جو دٻاءُ هجي ته بنياد ڪيئن مضبوط ٿيندو؟
تعليم صرف استاد جي ذميواري ناهي، اها والدين ۽ استاد جي گڏيل ذميواري آهي. جڏهن ٻار باقاعدگي سان اسڪول ئي نه اچي، گهر کان ڪا تعليمي مدد نه ملي، ۽ پوءِ به هر حال ۾ استاد کي ذميوار قرار ڏيڻ سراسر ناانصافي آهي.
Click here to claim your Sponsored Listing.