M-K Meghwar

M-K Meghwar

Share

01/05/2026

مزدورن جو عالمي ڏينهن
هڪ پاسي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ، ٻئي پاسي اٽو بجلي سميت عام واهپي وارين شين جا اگهه آسمان تي پهتل، غريب ماڻهو صبح مزدوري لاءِ نڪري ٿو، ته شام جو سوچي ٿو ته گهر جو سيڌو وٺان يا يا دوا؟ عوام جي زندگي ڏينهون ڏينهن تنگ ٿيندي پئي وڃي پيٽرول مهانگو، ڀاڄي مهانگي، گاڏين جا ڪرايا مهانگا، غريب وڃي ته ڪٿي وڃي؟
مزدور رڳو مزدور ناهي،
اهو ڏينهن آهي انهن ٿڪيل هٿن جو، جيڪي پنهنجي درد کي لڪائي، دنيا کي سنوارين ٿا، اهي هٿ جيڪي سج جي تپش ۾ سڙي وڃن ٿا، پر پوءِ به همت نه هارين ٿا، هو پيءُ آهي، جيڪو پنهنجي ٻچن لاءِ خواب خريد ڪري ٿو، هو ماءُ آهي، جيڪا پنهنجي بک وساري اولاد کي کارائي ٿي. اسان جي شهرن جون روشنيون، عمارتن جي اوچائين، ۽ زندگين جي آسائشون، سڀ انهن جي محنت جو نتيجو آهن.
اچو ته اڄ رڳو لفظن ۾ نه،
پر دل سان انهن جو احترام ڪريون،
۽ اهو واعدو ڪريون ته ڪنهن به مزدور سان ناانصافي برداشت نه ڪنداسين.
سلام انهن پورهيتن کي،
جن جي پسيني ۾ اسان جي خوشين جو راز لڪل آهي.

08/09/2024

ٿورا مَ ٿورا مون تي ماروئڙن جا....
ٿَر ۾ واري ٿورِڙي تِيهان گَهڻيرا.......
ڀَلايون ۽ ڀيرا گَڻي گَڻيندس ڪيترا..
ساٿ سلامت محبتون قائم رهن شال،،
جس لھن ايس ڊي او حيسڪو مٺي سائين خالد حسين شاھ صاحب ۽ سندس ٽيم جن اڄ موڪل ھوندي اسان جي محلي جي لائيٽ جو مسئلو حل ڪرايو...

Want your business to be the top-listed Computer & Electronics Service in Mithi?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Telephone

Website

Address

Mithi, Tharparkar, Sindh
Mithi
69230