Imagine Library & Readers Point

Imagine Library & Readers Point

Share

17/10/2022

Some Wonderful General Knowledge..❣️

‏بھیڑیا واحد جانور ھے جو اپنے والدین کا انتہائی وفادار ھے۔یہ بڑھاپے میں اپنے والدین کی خدمت کرتا ھے۔یہ ایک غیرت مند جانور ھے اسلئے ترک اپنی اولاد کو شیر کی بجائے بھیڑیے سے تشبیہ دیتے ھیں.۔بھیڑیا واحد ایسا جانور ھے جو اپنی آزادی پر کبھی بھی سمجھوتہ نہیں کرتا اور کسی کا غلام نہیں بنتا بلکہ جس دن پکڑا جاتا ہے اس وقت سے خوراک لينا بند کر ديتا ہے اس لئۓ اس کو کبھى بھى آپ چڑيا گھر يا پھر سرکس ميں نہيں ديکھ پاتے.

اسکے مقابلے ميں شیر ، چيتا ، مگر مچھ اور ھاتھى سمیت ہر جانور کو غلام بنایا جا سکتا ھے۔‏بھیڑیا کبھی ﻣٌﺮﺩﺍﺭ ﻧﮩﯿﮟ کھاتا اور نہ ہی بھیڑیا محرم مؤنث( والدہ، بہن) پر جھانکتا ھے یعنی باقی جانوروں سے بالکل مختلف بھیڑیا اپنی ماں اور بہن کی پہچان رکھتا ہے اور بری نگاہ سے دیکھتا تک نہیں۔‏ بھیڑیا اپنی شریک حیات کا اتنا وفادار ہوتا ھے کہ اسکے علاؤہ کسی اور مؤنث سے تعلق قائم نہیں کرتا۔ اسی طرح مؤنث( یعنی اسکی شریک حیات) بھیڑیا کے ساتھ اسی طرح وفاداری نبھاتی ھے۔

بھیڑیا اپنی اولاد کو پہنچانتا ھے کیونکہ انکے ماں و باپ ایک ہی ہوتے ہیں۔۔۔ جوڑے میں سے اگر کوئی ایک مر جائے تو دوسرا مرنے والی جگہ پر کم از کم تین ماہ کھڑا بطور ماتم افسوس کرتا ھے۔‏ بھیڑئیے کو عربی زبان میں "ابن البار" کہا جاتا ہے، یعنی"نیک بیٹا" کیونکہ جب اسکے والدین بوڑھے ہو جاتے ہیں تو یہ انکے لئے شکار کرتا ھے اور انکا پورا خیال رکھتا ھے۔‏ اس لئے ترک اپنی اولاد کو شیر کی بجائے بھیڑئیے سے تشبیہ دیتے ہیں۔ انکا ماننا ھے کہ "شیر جیسا خونخوار بننے سے بہتر ھے بھیڑیے جیسا نسلی ہونا"

09/08/2021

ڪتاب:(اسان انسان)
عاقب نقوي
Indus Valley Book Shop Dadu
تاريخ ھڪ گھڻ طرفو موضع آھي جنھن کي سمجھڻ لاءِ بہ گھڻ طرفي ليکڪن جا ڪتاب پڙھڻ لازمي ھجن ٿا، ھي ڪتاب ”اسان انسان“ ھن کي تاريخ جو ڪتاب چئوس ارتقا جو ڪتاب چئوس يا تھذيبن جو ڪتاب چئوس ڇو جو اُھي سڀ موضوع ھن مختصر ڪتاب ۾ ايڏو تہ شاندار طريقي سان بيان ٿيل آھن جو پڙھڻ کان پوءِ ختم ڪرڻ کان سواءِ اوھان رھي نہ سگھندا. ھن جو ڪتاب جو ليکڪ ”پروفيسر طفيل ڍانا“ آھي جيڪو پنجاب جي يونيورسٽي ۾ ليڪچرار آھي اصل ۾ ھي ڪتاب اردو ٻولي ۾ لکيل آھي، پر سنڌ جي تمام سٺي ليکڪ، ترجمي نگار ۽ وڪيل سائين جي اين کوسي ان کي سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري ڄڻ تہ ڪمال ڪيو آھي.
ڪتاب جا موضع تمام شاندار ۽ پڻ جاندار آھن جنھن ۾ شخصيت، عقلمند ماڻھو، پھريون شڪاري، احترام، اوشو جي ڪُھاڙي ۽ ٻيا انيڪ موضوع شامل اَٿس، ليکڪ جي ھڪڙي ڳالھ مونکي ڏاڍي متاثر ڪئي.

ھن تاريخ جي ڪتاب کي سائنسي ۽ فڪشنري انداز سان لکيو آھي ان جو اندازو (اوشو جي ڪُھاڙي) جي موضوع مان ورتل ھن ٽڪري مان لڳائي سگھجي ٿو؛ ”ڪالام جي ائين پي لڳو ڄڻ فطرت دل لڳائي وادي جي تخليق ڪئي ھجي. آبشار مٿي ڪٿي تيار ٿين ٿا چوٽين تي، اتان جي وڏي شان سان ھيٺ ڍنڍن ۾ لھن ٿا. سوات ندي بہ وڏي بي نيازي سان ھار سينگار ڪري ھلي ٿي، ندي جي صاف شفاف پاڻي ۾ وڏي مستي ھوئي. “

۽ اڳتي ھلي دنيا جي اھڙن رازن تان پڙدو ھٽائي ٿو جن جي خبر ورلي ئي ڪنھن کي ھوندي مثال طور ليکڪ لکي ٿو؛ ”اريڪٽس باھ استعمال ڪندڙ پھريون شخص ھو.اوزار بہ ٺاھيا ھئائين. اريڪٽس پٿر مان اوزار ٺاھي سگھندو ھو ۽ پٿرن کي نوڪدار بڻائي ھن ڪھاڙي بہ ٺاھي ورتي ھوئي.“

اڳتي ھلي لفظن جي اصطلاح جي معنع اھڙي پياري انداز سان بيان ڪري ٿو جو پڙھڻ واري کي دماغ ۾ ڳالھ ويھجي وڃي.
”ڪلاسيڪي سائنس ۽ جديد سائنس ۾ ڇا فرق آھي؟
جيستائين انسان وٽ دنيا کي ڏسڻ لاءِ اک ھئي ۽ مشاھدي لاءِ پنجن حواسن تي ڀاڙيندو ھو تيستائين سائنس ڪلاسيڪي ھوئي. جڏھن مشاھدي جا جديد اوزار ٺھيا تہ جديد سائنس جي شروعات ٿي. جديد سائنس وارن وٽ مشاھدي لاءِ اوزار ھئا، ڪلاسيڪي سائنسدانن وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ مشاھدي جا اوزار نہ ھئا. “

ڌرتي تي پھريون ماڻھو ڪير ھو ارتقا ڪيئن ٿي فلسفي جي شروعات ڪٿا ٿي مذھب فلسفي تي ڪيئن حاوي رھيا ۽ پوءِ ڪلاسيڪي کان جديديت جو دؤر وري جديديت کان ما بعد جديديت جي دؤر تائين ليکڪ شين کي ايڏو تہ ڪمال جي رواني سان کڻي آيو آھي مان ھن انداز سان تاريخ جو ھي پھريون ڪتاب پڙھيو اٿم ۽ انھن دوستن کي بہ گذارش ڪندس جيڪي تاريخ، ارتقا، تھذيب، معاشيات ۽ سماجي سائنس سان دلچسپي رکندڙ ھن ڪتاب کي ضرور پڙھن.
پياري Aqib Ali Naqvi جو بڪ رويو ڪتاب جو نچوڙ ھم انسان پروفيسر طفيل ڍھانا جو لکيل آ جنھن ۾ وڌاء ۽ ترجمعو Gn Khoso صاحب تمام پيارو ڪيو آھي.ھي ڪتاب پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشر پبلش ڪرايو جس لھڻي Qamar Aftab Peacock Printers

Want your organization to be the top-listed Government Service in Hyderabad?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Website

Address

Near Edan Grammar School, Naseem Nagar Road, Qasimabad
Hyderabad
71000