Khalil Muhammad Saeed
14/06/2026
السلام عليڪم
ڳولاڙچي کان پنج چڪ، ڏهه چڪ ۽ ڳراڙي ويندڙ روڊ ڪيترن ئي سالن کان سخت خراب حالت ۾ پيل آهن. سيم نالن جي صفائي ۽ مرمت جو ڪم به نه ٿيڻ سبب هر سال ضلعي بدين، خاص طور تي ڳولاڙچي جي سامونڊي پٽي، ٻوڏ ۽ پاڻي بيهڻ جي مسئلن کي منهن ڏئي ٿي.
ڳولاڙچي کان ڳراڙي ويندڙ سيم نالي واري روڊ تي تعميراتي ڪم لاءِ گهڻو وقت اڳ پٿر لاٿا ويا هئا، پر ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري اهي پٿر اڄ به مسافرن لاءِ وڏي تڪليف ۽ عذاب جو سبب بڻيل آهن.
انهن علائقن ۾ آباد ڪمبوه برادري، چانگ برادري، ڳجر برادري، ملڪ برادري، جٽ برادري، آرائين برادري، نهوڙيو برادري، ڀٽو برادري ۽ ٻين سڀني رهواسين کي اپيل ڪجي ٿي ته هن اهم مسئلي تي گڏجي آواز اٿاريون، جيئن اسان جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن.
افسوس جو اسان جا چونڊيل نمائندا ووٽن جي وقت ته عوام وٽ اچن ٿا، پر چونڊن کان پوءِ پنهنجا واعدا وساري گم ٿي وڃن ٿا. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين گڏجي پنهنجن حقن لاءِ پرامن ۽ مضبوط آواز بلند ڪريون.
#ڳولاڙچي
#بدين
14/06/2026
ڪتا مار مھم جا پئسا ڪٿي پيا خرچ ٿيئن…؟
گذريل ڏينھن کا بدين جي ھڪ نوجوان جي ھڪ وڊيو پئي ھلي ته ڪتي جي چڪ ھڻڻ جي ڪري کيس ريبيز بيماري ٿي وئي جيڪا بيماري پوري دنيا ۾ شايد لا علاج آھي 🥲
ان ڪيس جو زميوار ڪير آھي ؟
اسان جي شھر جي بجيٽ اوھان سڀ ڳڙڪايو ونڃو اوھان کي خدا جو ڪو ڊپ نٿو ٿئي،ان نوجوان جي گھر جا حالات ھن وقت ڪيترا خطرناڪ ھوندا ؟
جڏھن ھي نوجوان رات جو ٽي بجي اٿي رڙيون ڪندو ھوندو ء ان جا معصوم ٻار ان وقت ڇرڪ ڀري اٿي جيڪي اوھان کي بدعائون ڏيندا ھوندا انھن جو حساب رب اوھان کان ضرور وٺندو 🥲
゚viralfbreelsfypシ゚viral
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Address
Badin